سچل سارو سچ 2

سچل سارو سچ 2

سچل سارو سچ 2

سچل سارو سچ (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ حضرت سچل سرمست جي حياتيءَ، احوال ۽ تعليمات مان چونڊ قول ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو مرتب: اردوءَ جو شاعر، نوابشاهه جو رهواسي احمد ضيا (مرحوم) آهي. ڪتاب هيٺين عنوانن ۾ ورهايل آهي:
(1) حضرت سچل سرمست جي زندگيءَ جو احوال، (2) سچل سرمست متعلق مختلف ماڻهن جا رايا، (3) سچل سرمست جي دور جون سياسي، سماجي، تاريخي ۽ مذهبي حالتون، (4) حضرت سچل سرمست سنڌ ۾ هفت زبان شاعر، (5) سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ صوفي مقام، درشهوار سيد، (6) تنهنجو، منهنجو ۽ عوام جو شاعر سچل: قيمت هري سنگهاڻي، (7) حضرت سچل سرمست جا قول.
ٻن عالمن درشهوار سيد ۽ قيمت هري سنگهائيءَ جي مقالن کانسواءِ باقي ترتيب ۽ سهيڙ احمد ضيا جي آهي. ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيڪا ڪلب نواب شاهه/حيدرآباد 2007ع ۾ پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو